اڙل منڇر واهه

اڙل منڇر واهه: هن واهه جي گنجائش 4370 ڪيوسڪ آهي. اڙل دراصل منڇر ۽ سنڌوءَ کي ڳنڍيندڙ گاٽ آهي. هن جي وهڪري جو دارومدار سنڌوءَ ۽ منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح تي آهي. جڏهن درياهه ۾ 80 هزار ڪيوسڪ وهڪرو هوندوآهي ته ايترو پاڻي اچي ويندو آهي، جو درياهه مان اڙل وسيلي پاڻي منڇر ۾ ايندو آهي، پر جيڪڏهن منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وڃي ته منڇر مان اڙل وسيلي پاڻي درياهه ۾ به اماڻي سگهبو آهي. اڙل ندي، سنڌوءَ ۽ منڇر جيتري قديم آهي. لٽجي ويل اڙل کي 1959ع ۾ جي . ايم. ڪيزل (J.M.Casel) ٻيهر واهه جي صورت ۾ کوٽايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو